ختم السلوڪ

ختم السلوڪ

ختم السلوڪ

ختم السلوڪ (قلمي): فارسي ٻوليءَ ۾ چيل هيءَ مثنوي سنڌ جي قديم نامور محقق، تاريخدان، عالم ۽ شاعر مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي چيل آهي. مثنويءَ جو موضوع سلوڪ آهي، اها مثنوي تصوف جي موضوع تي چيل آهي جنهن ۾ صوفيت بابت وڏي ڄاڻ آهي. قلمي صورت ۾ مليل مير علي شير قانع ٺٽوي جي هن مثنويءَ ۾ سلوڪ جو سبق تمام سهڻي نموني ۾ ويهي پڙهايو آهي.
مثنوي موضوع جي لحاظ کان تمام بهترين آهي مثنوي جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
من که باشم تازنم دم ازثنا
چون بلا احصي همدزد ندا
۽ مثنوي جو اختتام هيئن ٿئي ٿو:
هاتف اينجاديد خوش کارم چوکوک
سال وي گفتا بود ختم اسلوک
1199هه
هيءَ مثنوي 1199هه/1785ع ۾ لکي وئي ۽ مير علي شير قانع جي هٿ اکر خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هي قلمي مثنوي سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


لفظ ختم السلوڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو